احمد فقير ’مستان‘

احمد فقير ’مستان‘

احمد فقيرمستان

احمد فقير ’مستان‘: شاعر احمد فقير ’مستان‘ 12-1911ع ڌاري ڳوٺ محمود لغاري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ حافظ سوني خان لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد حافظ قرآن ۽ لوڪ شاعر هو. جنھن ڪري هن کي شاعري ورثي ۾ ملي. هُو قرآن مجيد گهر ۾ پنھنجي والد ۽ والده وٽ پڙهيو. ڪجهه درجا سنڌي تعليم پڻ حاصل ڪئي. مختلف موضوعن تي شعر چيا اٿس. اڪثر شعرن ۾ حالتن جي عڪاسي ٿيل آهي. مزاحيه شعر پڻ لکيا اٿس. هن 1977ع ۾ ڳوٺ سومري خان لغاري، تعلقي ماتليءَ ۾ وفات ڪئي. سندس شاعري جو ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي ترتيب ڏئي، ’احمد فقير مستان جو ڪلام‘ جي نالي سان 2022ع ۾ ڇپايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو